موٽر سائيڪل سوار کي في ليٽر پيٽرول تي ڪيترو رليف ملندو؟ مصدق ملڪ واضح ڪري ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته غريب لاءِ پيٽرول جي قيمت گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موٽر سائيڪل سوارن کي في ليٽر تي 50 نه پر 100 رپين جو رليف ملندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته وزيراعظم اسان کي ان تي عملدرآمد لاءِ رڳو 6 هفتا ڏنا آهن، غريب لاءِ پيٽرول سستو ڪنداسين، امير جو پئسو غريب جي کيسي ۾ ويندو، موٽر سائيڪل سوار جو احساس ڪندي ان لاءِ پيٽرول جي قيمت گهٽ ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته وڏين گاڏين لاءِ پيٽرول جي وڌيڪ قيمت هوندي، پيٽرول تي هاڻ امير 100 رپيا وڌيڪ ڏيندو، غريب 100 رپيا گهٽ ڏيندو، 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ 21 ڪروڙ غريب آهن، اسان غريب جي پاڪستان سان گڏ آهيون.

سندس چوڻ هو ته گئس بابت فيصلو پهرين جنوري کان لاڳو ٿي چڪو، اسان گئس جو ٽيرف الڳ ڪري ڇڏيو، غريب ۽ امير جو بل الڳ الڳ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.