اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي طلب ڪري ورتو.
نيب ترجمان موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي توشا خانا ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته عمران خان کي سڀاڻي نيب راولپنڊي ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
نيب طرفان عمران خان کي ذاتي طور طلب ڪندي نوٽيس سندس بني گالا جي رهائشگاهه تي موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته توهان اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ اٿارٽي جو مس يوز ڪيو.
نيب نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توهان رياستي تحفا کپايا ۽ ڊڪليئر نه ڪيو.
عمران خان کي موڪليل نيب جي نوٽيس ۾ آءِ فون ۽ گهڙين جو ذڪر ڪيو ويو آهي.