اڄ سول سوسائٽي، وڪيلن، صحافين ۽ ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سمورين سياسي پارٽين کان چونڊن جي لاءِ متفقھ فريم ورڪ ۽ ٽائيم لائين طئي ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جي اپيل ڪئي آهي،جنهن لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ پارلياماني فورمز جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي. دي ميڊيئيٽرز (سول سوسائٽي جي ٽياڪڙي ڪرائيندڙ )جي درخواست تي پاڪستان بار ڪائونسل ، اي پي سي، جي ميزباني جي شرف حاصل ڪرڻ تي رضامندي پڻ ظاھر ڪري ڇڏي آھي، سمورين پارٽين سان بيڪ چينل تي به رابطو ڪيو پيو وڃي. پر اڄ ئي عمران خان جي زمان پارڪ لاهور واري رهائشگاهه تي پنجاب پوليس وڏو آپريشن ڪيو آهي ۽ پوليس اڳوڻي وزيراعظم جي گهر جا دروازا ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي وئي ۽ اتي موجود تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.اھا ڪارروائي جڏھن جاري ھئي تھ اسلام آباد ۾ عمران خان جي قافلي کي پوليس جي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو آھي.گذريل ڏينھن 9 ڪيسن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان وقت کان اڳ ضمانتن بعد، عمران خان اڄ اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيو. اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ڳالهين لاءِ رضامندي جو اشارو ڏنوآهي، پر هڪ ٻئي جي مرڪزي قيادت کي ميدان مان ڪڍڻ تي اسرار موجود آھي، جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جي اڪثريتي فيصلي جي روشني ۾ چونڊ عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي پر انتظاميا جي لاڳاپيل صوبائي ۽ وفاقي ادارن تجويز ڪيل تاريخن تي مختلف عذر جي بنيادن تي چونڊون چونڊن منعقد ڪرائڻ کان لاچاري جو اظھار ڪيو آھي، لڳي ٿو ته پنجاب ۾ اليڪشن شيڊول تي عملدرآمد جي شروعات ۽ خيبرپختونخواهه جي حوالي سان مشاورت جي باوجود اليڪشن ڪميشن مجبور ٿيندي تھ اهو معاملو ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃي، ته جيئن ان حوالي سان آئيني ۽ انتظامي حڪم وٺي سگهجي. اليڪشن جو عمل شروع ٿيندي ئي معاملو اٽڪي پيو آهي ۽ ھاڻي کان ئي ان کي تڪراري بڻائڻ جي لاءِ سياسي حريف متحرڪ ٿي ويا آهن، جيڪڏهن سياستدان ئي چونڊ عمل کي گدلو ڪري ڇڏيندا ۽ ان کي تڪراري بڻائڻ جي سرتوڙ ڪوشش ڪندا، تھ ان سان خاص ڪري اتحادي حڪومت ۽ ان ۾ شامل جماعتون ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ سان حالتون اليڪشن لاءِ ويتر ناسازگار ٿينديون وينديون. تھ پوءِ سوال اڀري ٿو تھ جيڪڏهن سموريون سياسي پارٽيون چونڊ عمل جي مالڪي نه ڪنديون ته پوءِ چونڊن جي شفافيت ۽ جمهوري عمل لاءِ ڇا بچندو، ۽ جمهوريت ۽ آئيني حڪمراني ٻيهر خطري ۾ پئجي ويندي. ماضي ۾ به جڏهن سياسي قوتن ۾ ٽڪراءُ وڌيو آھي ته غير آئيني مداخلتون ٿيون ۽ چونڊون ڊگهي عرصي تائين ملتوي ٿينديون رھيون آھن. پر هن ڀيري صورتحال 1977ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي ۽ قومي اتحاد جي وچ ۾ هلندڙ ويڙهه کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. ملڪ جو معاشي ڏيوالپڻو ۽ عوام جي بدحالي آخري حد کي پھتل آھي،آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد باوجود مالياتي بحران جي حل جو معاھدو ملتوي ٿيندو پيو وڃي، عدليه به سياسي بحثن ۾ ڦاسندي پئي وڃي ۽ ورڇيل نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان جا سيڪيورٽي جا ادارن دهشتگردي جي نئين لهر سان زور آزمائيندي، سياسي معاملن کان پري رھڻ ۾ خير سمجھن ٿا.
۽ سياسي پارٽيون بھ گڏيل مشاورت ذريعي چونڊن سميت ڪنهن به قومي معاملي تي افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي جان بخشي جي لاءِ تيار نھ آھن، ميڊيا به سياسي ڌماچوڪڙي جي نذر ٿيندي سياسي وڇوٽي کي وڌائڻ تي لڳل آھي، نتيجي ۾ نه رڳو جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني خطري ۾ آهي، پر معاشي سلامتي ۽ امن امان به سخت خطري ۾ آهي. ھوش سان ڪم ڪرڻ جو وقت آهي، سياسي گرمي پد کي ٿڌي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي کي ميدان مان نيڪالي ڏيڻ ۽ سياسي مخالفن جي پڪڙ ڌڪڙ جي بجاءِ يا وري عمران خان کي چونڊ عمل مان ٻاهر ڪرڻ ۽ نواز شريف جي قانوني واپسيءَ جي رستي روڪڻ سان معاملا گڙ ٻڙ ٿي ويندا،معاملي کي سمجھڻ سمجھائڻ جي فضا پيدا ڪندي،فوري طور تي بامعنيٰ ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون شروع ڪرڻ وقت جي سڀ کان اھم ضرورت آھي.ان کان اڳ جو جاري سياسي ڇڪتاڻ گهرو ويڙهه ڏانهن وڌي يا وري تاڪ ۾ ويٺل دهشتگرد قتل ۽ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪن ۽ سياسي ڊراپ سين ٿي وڃي،سول سوسائٽي جي دردمنداڻي اپيل تي غور ڪرڻ گهرجي. سول سوسائٽي جي 100 کان وڌيڪ چوٽي جي تنظيمن، سياسي پارٽين اڪابرن ۽ وڪيلن ۽ صحافين جي نمائنده تنظيمن آئين،جمهوريت ۽ وفاقيت سان پنھنجي اٽل تعلق ۽ شفاف جمهوري عمل ۾ ڪامل يقين جو پڪو پھھ ڪندي شفاف،آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن جي متفقھ طور تي منعقد ڪرائڻ جي گھر ڪندي،ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت جي بدحالي ۽ عوام جي مسئلن ۾ بي حد واڌ ٿي رهي آهي.سياسي جماعتون ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تي خدشو ظاهر ڪندي سول سوسائٽي اڳواڻن تبيھھ ڪئي آھي تھ حالتون سياسي جماعتن جي هٿن مان نڪري سگهن ٿيون ۽ ملڪ انارڪي جي گھيري ۾ اچي سگهي ٿو، جنهن جا پاڪستان جي مستقبل ۽ جمهوري نظام تي ناڪاري اثر پئجي سگھن ٿا.
ان ڪري سول سوسائٽي سمورين سياسي جماعتن خاص طور تي پارلياماني جماعتن کي اپيل ڪئي آھي تھ اهي موجوده سياسي ڇڪتاڻ، ٽڪراءَ ۽ ناقابل برداشت بيانن سان گرم ماحول کي ٿڌو ڪن ۽ وسيع تر قومي مفاد ۾ پاڻ ۾گڏجي ويهي چونڊن بابت سمورن اختلافن کي گڏيل مفاهمت سان حل ڪن، ته جيئن آئين جي بالادستي ۽ پرامن جمهوري تبديلي جي لاءِ رستو صاف ٿي سگھي ۽ صاف شفاف چونڊن منعقد ڪرڻ ۽ عوام جي ووٽن واري راءِ سان چونڊجندڙ نمائندن جي لاءِ آزاد چونڊن سان حقيقي نمائندن جي جمھوري حڪمراني جو مينڊيٽ ملي سگھي.
سول سوسائٽي جي اڳواڻن ان امر تي اتفاق ڪيو ته اھي سياسي جماعتن ۾ معاملن کي حل جوڳو بڻائڻ ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ لاءِ ھڪ غير رسمي ۽ غير جانبدار ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار هوندي ۽ ان لاءِ پاڪستان بار ڪائونسل جي مدد سان سمورين پارٽين کي هڪ ٻئي سان صلاح مشورا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو ۽ ميز تي ويھاريڻ جي لاءِ تيار ھوندي.
ماضيءَ ۾ ڪنھن دور ۾ نوابزاده نصرالله خان جهڙيون شخصيتون سياسي پارٽين کي جمهوري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنديون رهيون ھيون، هاڻي سول سوسائٽي ان جمهوري فرض کي پورو ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي ٿي. اميد آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙن جا نمائندا سمورن سياسي اڳواڻن سان رابطا ڪندا،اعتماد سازي جي قدمن جي حوصلا افزائي ڪندا ۽ وسيع تر قومي اتفاق راءِ جي لاءِ سياسي قيادت کي آمادھ ڪندا.پر سياسي ٽڪراءُ جنھن سطح تائين مٿي ٿيندو پيو وجي۽ ماحول جيتري قدر نازڪ ٿيندو پيو وڃي،ان جي لاءِ سڀني جمهوري عنصرن کي متحرڪ ٿيڻو پوندو ۽ جمهوريت کي ٻيهر پٽڙي تان لهڻ کان بچائڻو پوندو.جي نھ تھ پوءِ پڇتائڻ سان ڇا ٿيندو،جڏھن پاڻي مٿي تان وري ويندو.