سيد صبغت الله شاھ ٻئي جي ولادت 13 صفر 1328ھ ۾ ٿي ۽ سندس والد شاھ مردان شاھ جي وفات بعد 7 ربيع الاول 1339ھ ۾ ٻارهن ورهين جي ننڍي وهيءَ ۾ سندس دستاربندي پير پاڳاري جي حيثيت ۾ ٿي. ننڍي هوندي کان سيد صبغت الله شاھ ثاني جي شخصيت ۾ هڪ خاص انفراديت هئي، هو آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن کان نفرت هئي، هو مشورن کي محض مشورا ڄاڻندو هو ۽ ٻين جون صلاحون جيئن جو تيئن مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرئتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو ۽ سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح، خود اعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو. پير صاحب جي ننڍيءَ عمر ۾ تخت ڌڻيءَ مان ڪيترين ڌرين فائدو وٺڻ پئي چاهيو. انگريز حڪومت جي ڇاڙتن جي ڪوشش هئي ته هن ننڍي ٻار کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي کيس اهڙي دڳ لائجي، جيئن هو انگريزن جو وفادار رهي. ٻئي طرف سندس ويجهن عزيزن ۽ جهونن خدمتگارن جي اها خواهش هئي ته پير صاحب سندن مرضيءَ سان اٿي ويهي، پر پير صاحب پنهنجي سرشت ۾ اعليٰ وصفون ۽ خوبيون کڻي آيو هو. قول جو پڪو هو، سندس ارادا هماليا جبل وانگر مضبوط هئا.
پير صاحب جي خوددار طبيعت ۽ محڪم ارادي سندس ڪيترن عزيزن، انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن کي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو. پير صاحب جي خلاف انگريزن سان گڏ سندس ڪجهھ مائٽ به ٻِٽ ٿي ويا. پير صاحب تي سخت نظر رکي وئي. انگريز سرڪار سندس خلاف قدم کڻڻ لاءِ وجهه تاڙيندي رهي. هنن پير صاحب کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو. سندس ئي عزيزن مان ڪوڙا فريادي ۽ شاهد پيدا ڪرائي، ”پير جي ڳوٺ“ تي پوليس کان ڇاپو هڻائي، کيس گرفتار ڪرايو ۽ هن جي مٿانئس مختلف ڪيس مڙهي سکر ۾ ڪيس هلايو ويو. پير صاحب طرفان محمد علي جناح وڪالت ڪئي، جيڪو بمبئيءَ کان سکر ڪيس وڙهڻ ايندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته ”جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو هو ته حڪومت ڪنهن به حالت ۾ پير صاحب کي نه ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نه ڪري، پر جناح صاحب، ڪورٽ ۾ آيو، مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري ورتل في پير صاحب کي واپس ڪري هليو ويو“، حڪومت هٿ ٺوڪيا ڪيس ثابت ڪري، 28 آگسٽ 1930ع تي پير صاحب کي اٺن سالن جي سزا ڏئي سنڌ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو. انهي سزا واري عرصي ۾ پير صاحب کي هندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جيلن جي ماحول زندگيءَ تي مٿن گهڻو اثر ڇڏيو. جيل ۾ پير صاحب پنهنجن وڏن جي تعليمات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رتناگري جيل ۾ سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جي ملفوظات جو گهرو مطالعو ڪيائين. ان کان سواءِ هندستان جي سياست کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڪيترن ڪانگريسي ۽ انقلابي ليڊرن سان ملاقاتون ٿيس ۽ ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين.
پير صاحب پاڳاري جو خاندان سنڌ جي رهواسين لاءِ هڪ اعليٰ ۽ عزت وارو مقام رکندڙ هو. پير صاحب جي گرفتاريءَ ۽ جيل وڃڻ تي سنڌ واسين کي سخت صدمو رسيو. ان وقت اخبار ‘’الوحيد’‘ پير صاحب جي آزاديءَ لاءِ ايڊيٽوريل لکيو. جڏهن پير صاحب جيل جي سزا ڪاٽي سنڌ پهتو ته سندس دل تي انگريزن جي خراب روَش گهرا اثر ڇڏيا ۽ هو انگريزن جو سخت دشمن ۽ قوم جو ڀرجهَلو ٿي بيٺو. پير صاحب جو قول هو ته ”ظلم خلاف ڪنڌ نه کڻڻ ۽ سر جهڪائڻ خود ظلم جو ساٿ ڏيڻ برابر آهي.“ سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد پير صاحب پهرين مريدن جي اصلاح ۽ تربيت ڏانهن ڌيان ڏنو. کين حڪم ڏنائين ته مرد نشو نه ڪن، عورتون عاج جون چوڙيون نه پائين. حڪم تي عمل شروع ٿي ويو. موالين تماڪ پيئڻ ترڪ ڪري ڏنڊا ڪونڊا ڀڃي ۽ ساڙي ڇڏيا، عورتن چوڙيون ڀڃي ڇڏيون، ان بعد پير صاحب سانگهڙ ڀرسان ”گڙنگ“ بنگلي ۾ رهڻ لڳو. هتي غازين جي جماعت تيار ڪرڻ لاءِ مريدن کي حڪم ڪيائين جيڪي غازين جي صف ۾ شامل ٿيڻ چاهين، سي پنهنجا نالا لکرائين. غازين جا ٽولا اندروني طور جماعت جي اصلاح ۽ تربيت سان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا ويا.
پير صاحب جماعت کي حڪم ڏنو ته ڪو به ماڻهو ولائتي ڪپڙو نه پائي ۽ پنهنجي ملڪ جو اُڻيل ڪپڙو پائي. هندو مسلمان پاڻ ۾ فساد نه ڪن، کين گئوڪوس کان پرهيز جو به حڪم ڏنو هو. سائين جي. ايم. سيد لکيو آهي ته ”اسان جي طرفان پير صاحب کي جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو ويو ته شدت سان انڪار ڪندي چيائين ته ”هيءَ انگريزن جي غلامن جي جماعت آهي، ان ۾ آءٌ هرگز شامل نه ٿيندس.“ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به لکيو آهي: ”مسلم ليگ جي سربراھ جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد پير صاحب سان مليو ۽ کين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پيشڪش ڪئي.“ پير صاحب سائين جي ايم سيد کي چيو ته ”جيڪا جماعت سڀ ڪجه انگريزن جي مشورن سان ڪري، جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، اها جماعت آزاديءَ جي دعويٰ ڪيئن ڪري رهي آهي.“ سائينءَ ڪيئي دليل ڏنا، پر پير صاحب چيو "وڙهڻ لاءِ اوهين هوندؤ ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿ ۾ هونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام هوندا، اوهان کي کير مان مک وانگر ڪڍي ڦِٽو ڪندا، اوهين پيا ڏُکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.“
غازين جون رپورٽون سرڪار ۽ سياسي جماعتن تائين پهچنديون رهيون. ولائتي ڪپڙي پائڻ خلاف نڪتل حڪمن کان پوءِ حڪومت جي سڄي مشينري تحرڪ ۾ اچي وئي. هڪ سي. آءِ. ڊي آفيسر پير صاحب کي اچي چيو ته سرڪار کي توهان جو اهو طريقو پسند نه آهي. اسين ڪنهن جي پسند يا ناپسند سان ٻڌل نه آهيون، انگريز ست سمنڊ پار ڪري اسان جي ملڪ ۾ من مانيون ڪري رهيا آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ جيئن مناسب لڳندو ڪنداسون. پير صبغت ﷲ شاھ راشدي مجاهدن کي وطن جي آزاديءَ جو درس ڏنو ۽ کين انگريز سامراج جي چالن کان واقف ڪيو ۽ کين سمجهايو ته ”وطن يا ڪفن“۽ ”غلامي نه کپي“.
ملڪ ۾ ان وقت مسجد منزل گاھ وارو تنازعو شروع ٿي چڪو هو ۽ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي. سرڪاري آفيسرن هڪ سازش تيار ڪرائي، پير ڳوٺ ۾ رهندڙ هندن تي حملي لاءِ تياريون ڪرايون، اها خبر پير صاحب کي پئي ته غازين کي حڪم ڪيائين ته هندن جي حفاظت ڪئي وڃي، پير صاحب جي غازين طاقت جو اهڙو مظاهرو ڪيو، جو حملي آور حملي جي همت ئي نه ڪري سگهيا. هندن ان ساراھ جوڳي ڪارنامي جو اطلاع سکر جي ڪليڪٽر کي ڏنو ۽ اهڙيون تارون مٿي حڪومت کي به ڪيون. اهڙيءَ ريت حڪومت جي اها اسڪيم ناڪام وئي، پر غازين جي ڀرتيءَ تي پابندي لڳائي. حڪومت طرفان هڪ ٻي حڪمت عملي سوچي وئي، سکر جي پارسي ڪليڪٽر، جنهن جي مادري زبان گجراتي هئي، ان پير صاحب کي پيغام موڪليو ته هندن جي جان بچائي، امن قائم ڪرڻ ۾ توهان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کان خوش ٿي سرڪار توهان لاءِ هڪ تلوار ۽ بندوق انعام طور ڏيڻ ۽ اوهان کي خطاب ڏيڻ جي سفارش منظور ڪئي آهي. ان تي پير صاحب ڪليڪٽر کي جواب موڪليو ته هٿيار اسان وٽ موجود آهن ۽ ”پير پاڳاري“ جو خانداني خطاب اسان لاءِ ڪافي آهي. پير صاحب جو اهو جواب ٻڌي ڪليڪٽر چوائي موڪليو ته ”پير صاحب جن وڏي غلطي ٿا ڪن، حڪومت سندن انڪار کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندي.“ انگريزن هر قسم جي ڏوھ کي بنا جاچ جوچ جي حُرن ڏانهن منسوب ڪري خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ رڪارڊ ٺاهيا ويا. ننڍن وڏن حُرن لاءِ حد جي پوليس ٿاڻن تي هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون. اها حاضري ڪن جي لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو، ڪن لاءِ هفتي ۾ ٽي دفعا ته ڪن لاءِ روزانو مقرر ڪئي وئي. پير صاحب جي گڙنگ واري بنگلي تي چوڪسيءَ لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو ويو.
حڪومت طرفان حرن لاءِ ٻي مصيبت اها عام ڪئي وئي ته اوسي پاسي جي هر چوري ۽ ڌاڙي جو الزام مٿن لڳائي کين جيلن ۾ بند ڪيو پئي ويو. ان وقت جوڌپور ۽ جيسلمير مان عام ڌاڙيل سرحد ٽپي ٿرپارڪر جي ماڻهن کي لٽيندا هئا، پر ان جو الزام به حُرن تي مڙهيو ويندو هو. حرن جي ٿاڻن تي حاضريءَ خلاف پير صاحب انگريز حڪومت وٽ سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته جيڪو شخص ڏھ ميل پنڌ ڪري ٿاڻي تي پهچندو، اهو پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ ڪهڙي وقت پورهيو ڪندو ۽ سندس ٻچن جي پرورش ڪيئن ٿي سگهندي! اهڙي مضبوط دليل کي ٻڌڻ جي باوجود پوليس ابتو قدم کنيو ۽ جن جي حاضري هفتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا هئي، تن جي به روزانو حاضري مقرر ڪئي وئي.
سنڌ اسيمبليءَ جي 29 نومبر 1940ع واري اجلاس ۾ تعلقي سانگهڙ جي رهواسين جي روزانو ٿاڻن تي حاضري، سندن ٻارن ٻچن جي مستقبل وارن مسئلن تي بحث مباحثو به ٿيو، پر وريو ڪجهھ به نه. سورهيه بادشاھ حڪومت جي ضد ۽ نا انصافيءَ کان تنگ ٿي، جماعت جي ڪجهھ چونڊ ماڻهن کي چيو ته اوهين روپوش ٿي وڃو ۽ حاضريءَ لاءِ ٿاڻن تي هرگز نه وڃو. اُهي چونڊ فقير روپوش ٿي ويا. حڪومت طرفان پير صاحب تي زور رکيو ويو ته اهي ماڻهو پيدا ڪيا وڃن، پير صاحب کين چيو ته سرڪار پاڻ وڃي اُهي ماڻهو ڳولي هٿ ڪري. انگريز سرڪار جا هن معاملي بابت مقرر سرڪاري ڪامورا، پير صاحب ۽ سندس فقيرن خلاف هر قسم جون رپورٽون موڪليندا رهيا. پوليس حرن کي Notified Criminal Tribes قرار ڏئي ڇڏيو. آخر 1941ع ۾ پير صاحب کي گڙنگ بنگلي تان نظربنديءَ لاءِ ڪراچي آندو ويو. سنڌ جي ان وقت وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله پير صاحب کي چيو ته اوهان جون موجوده سرگرميون جهڙوڪ غازين جي ڀرتي، حڪومت کي سخت ناگوار گذرن ٿيون ۽ انهن سان سنڌ ۾ امن امان جو خطرو وڌي ويو آهي، ان ڪري توهان کي ڪراچيءَ ۾ رهڻو پوندو. پير صاحب کيس جواب ڏنو ته ”ڇا مسلم ليگ پنهنجو نيشنل گارڊ نه ٺاهيو آهي؟ ڇا ڪانگريس پنهنجا والنٽيئر جٿا نه ٺاهيا آهن؟ ڇا راشٽريه شيوڪ سنگھه وارن پنهنجا دَل نه ٺاهيا آهن؟ ڇا انهن سڀني جو مقصد وطن جي آزادي نه آهي؟ جيڪڏهن رڳو مون ئي جرم ڪيو آهي ته مون کي زباني نه، تحريري حڪم ڏيو، ٻيءَ صورت ۾ مان مهمان طور رهڻ جو پابند نه آهيان.“ (هلندڙ)