ڊجيٽل آدم شماري لاءِ صوبن کي فنڊ جاري

اسلام آباد(م ڊ) شماريات کاتي ملڪ ۾ جاري ڊجيٽل آدم شماري لاءِ صوبن کي فنڊ جاري ڪري ڇڏيا، ميمبر سرور گوندل بيان جاري ڪندي چيو ته  پنجاب کي 4 ارب 14 ڪروڙ ۽ سنڌ کي 2 ارب رپين کان وڌيڪ جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته خيبرپختونخوا کي هڪ ارب 36 ڪروڙ ۽ بلوچستان کي 78 ڪروڙ 30 لک رپين جي فراهم ڪري ڇڏي، شماريات کاتي مطابق آزاد ڪشمير کي اڍائي ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته گلگت بلتستان کي به 8 ڪروڙ 49 لک رپيا جاري ڪيا ويا، هن چيو ته اسلام آباد ۾ مردم شماري لاءِ 7 ڪروڙ 29 لک رپيا فراهم ڪيا ويا، رقم گاڏين، عملي جي تربيت ۽ فيلڊ آپريشن لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.