گوادر ۾مولانا هدايت الرحمان جي آزادي لاءِ هزارين عورتن جو مارچ

گوادر(م ڊ) حق ڏيو تحريڪ مولانا هدايت الرحمان بلوچ جي آزادي لاءِ  جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان جي اڳواڻي ۾ هزارين عورتون  روڊن تي نڪري آيون، گوادر جا روڊ، گهٽيون انقلاب انقلاب جي نعرن سان گونجي اٿيون،اسان سڀني جو قائد مولانا جا نعرا هنيا ويا، عورتن ميرين ڊرائيو تي ڌرڻو به هنيو، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ٽوئيٽ ڪيو ته بلوچستان ۾ حق ڏيو تحريڪ جي قائد مولانا هدايت الرحمان بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي آزادي ۽ ٻين عوامي مطالبن لاءِ ڪامياب ۽ ڀرپور حق ڏيو عورت ريلي ۾مون، منهنجي گهرواري حميرا طيبه شرڪت ۽ قيادت ڪئي،سينيٽر مشتاق احمد خان پنهنجي فيملي سان گڏ حق ڏيو خواتين ريلي ۾ شرڪت لاءِ گوادر پهتو، هن چيو ته هڪ مهاڻي کي پمفليٽ ورهائڻ تي ڪيترن ئي مهينن کان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙ، آئين ٽوڙيندڙن ۽ ملڪي ادارن کي ڌمڪيون ڏيندڙن کي ضمانتن تي آزادي ملي وڃي ٿي حق ڏيو تحريڪ جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن هوڏانهن صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪندي چيو ته اهي بلوچ عورتون سڄو ڏينهن گوادر ۾ پرامن احتجاج ڪنديون رهيون انهن جي ريلي کي ٽي وي چئنلن تي ڪا جاءِ نٿي ملي ڇو ته اهي نه ته پنهنجي قائد مولانا هدايت الرحمان بلوچ جي عدالت ۾ پيشي تي هنگامو ڪن ٿيو نه ئي پوليس جون گاڏيون ساڙين ٿيون، حالانڪه اڃا تائين ڪنهن به عدالت مولانا کي ڪو رليف ناهي ڏنو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.