گلشن اقبال/ملير(رپورٽ:شفقت نوناري+جميل چانڊيو)عوامي جمهوري پارٽي مرڪزي جو تيرهون ساليانو ڪنوينشن سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ پارٽي ۽ برادر تنظيمن جي سال جون نيون باڊيون چونڊيون ويون. جنهن ۾ صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، نائب صدر مير خادم ٽالپر، جنرل سيڪريٽري رشيد سڌايو، جوائنٽ سيڪريٽري شاه محمد انڊڙ، فنانس سيڪريٽري شير چانڊيو، انفارميشن سيڪريٽري درياخان شيخ، آفيس سيڪريٽري ڪليم ملڪ، تعليمي تربيتي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، آڊيٽر چنا بنا مقابلي چونڊجي ويا ۽ برادر تنظيم سنڌي عورت تنظيم جي آرگنائيزنگ باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ ادي نظير قريشي، سعيده گوپانگ، نورجهان بلوچ، زينت چانڊيو فهمش ميمڻ، ساجده قاضي، نازيه ڀٽي، شهزادي ڀرڳڙي، سنيتا، نسيم لغاري، سنبل قريشي، صغرا سيال، مزلال شاهه، شهناز سومرو چونڊيون ويون، ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي مرڪزي باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ صدر گلاب راءِ، سينئير نائب صدر وجدان سيال، نائب صدر ڪنور پرمار، جنرل سيڪريٽري مڪيش ڪمار، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالله ڪاتيار، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بصير ڳورڙ، خزانچي ڪاشف ابڙو، رابطا سيڪريٽري پرڪاش ڪمار ۽ آفيس سيڪريٽري معمر لانگاهه چونڊيا ويا ۽ هاري مزدور تنظيم جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ نورنبي راهوجو، دين محمد قريشي، محمد صلاح چانڊيو، عبدالڪريم شر، اڪرام چانڊيو ۽ انور ڳچل چونڊيا ويا. چونڊيل عهديدارن کان پارٽي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر امير گل ڪٽوهڙ حلف کڻايو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ پندرنهن سالن ۾ عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، سنڌ جا 90 سيڪڙو ماڻهو زهريلو پاڻي پي رهيا آهن ، سنڌ جون اسپتالون ڪوس گهر لڳيون پيون آهن، روڊ تباهه هجڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري زراعت تباهي جي طرف وڌي رهي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن، پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگھي. پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي،هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن کي حق سمجھيو وڃي ٿو. ڪالھ جا ڪنگال اڄ عوامي دولت لٽي ارب ٿي ويا آھن. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آھي، اتي ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ لاءِ قومي شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ جي شرط کي ختم ڪيو ويو آهي ان طريقي سان جعلسازي ٿيندي. سنڌ ۾ رهندڙ افغانين، بنگالين، برمين، ھندستانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس ڪيو وڃي، ڪانفرنس ۾ قراردادون منظور ڪيو ويون ته زمينن جي نيلامي بند ،ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن قديمي ڳوٺن کي قانوني تحفظ ، ڪي ايس پي پاليسي کي هميشه لاءِ ختم ڪراچي جي ملٽي نيشنل ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليء جودرجو ڏنو وڃي.