ڪراچي ۾ گارڊ کي کڻي لاڪ اپ ڪرڻ تي ايس ايڇ او عدالت طلب

گلشن اقبال (ن ع آ)   ڪراچي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ناظر پاران تڪراري پلاٽ تي سيڪيورٽي گارڊ کي مقرر ڪرڻ واري حڪم بعد تڪراري  پلاٽ تي مقرر ٿيل سيڪيورٽي گارڊ عبدالجبار چانڊيو کي سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او راجا تنوير طرفان پوليس نفري سان گڏجي سيڪيورٽي گارڊ عبدالجبار چانڊيو کي گرفتار ڪري ان جي مٿان 13 ڊي ۽ موٽر سائيڪل چوري جو ڪيس داخل ڪيو ھو سچل ٿاڻي جي پوليس جي اھڙي زيادتي خلاف بليڪ لائن ڪمپني جي سي اي او طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ درخواست ڏيندي ڄاڻايو تـ ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي اسان پلاٽ تي سيڪيورٽي گارڊ کي مقرر ڪيو ھو مگر سچل ٿاڻي جو ايس ايڇ او راجا تنوير بنا جواز جي پلاٽ تي مقرر ٿيل سيڪيورٽي گارڊ عبدالجبار چانڊيو کي گرفتار ڪري ڪمپني جي طرفان سندس کي مليل پسٽل جنھن پسٽل تي پوليس ان جي مٿان 13 ڊي ۽ موٽرسائيڪل چوري جو ڪيس داخل ڪري تمام گھڻي زيادتي ڪئي آھي اھڙي درخواست بعد سنڌ ھاء ڪورٽ جي ناظر طرفان جواب ڏيڻ جي لاء ليٽر لکي سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او راجا تنوير کي اڄ سومر ڏينھن طلب ڪري ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.