خيرپور ۾ ٻوڏ متاثرن جو سروي لسٽن ۾ نالا شامل نه ڪرڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

خيرپور (س ر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ شاھ ڀنگيو جي رھواسين جو سروري لسٽن ۾ نالا شامل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج  جي اڳواڻي صدام مري، ارشاد ڪانڌڙو، علي خان ڪانڌڙو، شريف  مري، سليم ڪانڌڙو تاج محمد ڪانڌڙو قائم خان مري مختيار مري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مون سون جي برساتن سبب سڀ ختم ٿي ويو پر خيرپور انتظاميا خاص ڪري  تپيدارن ۽ ڪوٽوار رشوت نه ڏيڻ ڪري سروي لسٽن  ۾ نالا شامل نه ڪيا ويا آهن اسان جا فصل ختم ٿي ويا پر ٻج ڀاڻ جا پئسا به اسان کي نه مليا ابتو انهن کي مليا جن کي زمين جو هڪ ويسو به نه آهي ، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا حقدارن کي ڀاڻ ٻج جا پئسا ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.