بڊاڻي ۾ڳوٺاڻن جو پوليس جي چڙهائي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

بڊاڻي  (ن ع آ) بڊاڻي ويجهو مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله ڏتو مزاري ۾ پوليس جي گهرن مٿان بنان جواز چڙھائي خلاف مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي محرم,ميان  داد,شاه گل,مسمات ملوڪان خاتون,مسمات سيمل خاتون مزاري جو چوڻ هو ته مياڻي پوليس بنان جواز جي اسانجي گهرن مٿان چڙھائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪري عورتن مٿان تشدد ڪيو آهي,هنن چيو ته مياڻي پوليس اسان کان 20 لک روپيا رشوت گهري نه ڏيڻ تي چوپايو مال پنڌرهن مينهون ۽ پنج ڳئون ڪاهي وئي آهي هنن چيو ته اسان پورهيت هاري آهيون ڏھ ڏينهن اڳ قتل ڪيل نظر علي مزاري جي قتل يا انجي قاتلن سان ڪنهن به قسم  جو تعلق نه آهي  مياڻي ايٽ بڊاڻي پوليس  جو ايس ايڇ او ممتاز سومرو هرو ڀرو اسانجي گهرن مٿان چڙھائي ڪري ڳري رشوت نه ڏيڻ بعد اسانجو چوپايو مال ڪاهي ظلم ڪيو آهي هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو آهي ته بلاجواز گهرن مٿان چڙھائي ڪندڙ مياڻي پوليس جي رشوت خور ايس ايڇ او ممتاز سومرو خلاف نوٽس وٺي چوپايو مال واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائيندا سين جڏهن ته ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي ويئي پر آواز صاف نه سمجهڻ جو جواز ڄاڻائيندو رهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.