سکر جي شهري اتحاد چيئرمين جي گھر تي ڇاپي دوران گرفتارين خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن خدا بخش چاچڙ، علامه عارف حسيني، حافظ غلام ياسين ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ قريشي روڊ گلشن اقبال واري علائقي ۾  سکر پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪندي چيو ته عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي سماجي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو پيو وڃي، جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي گذريل ڏينهن سکر ۾ پوليس جي وڏي نفري سماجي شخصيت ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا عبيدالله ڀٽو جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪري گهر ۾ موجود مردن، عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي قيمتي سامان ڦر ڪيو ۽ سندس چار پٽ فضل الرحمان، حذير الرحمان، غياث الدين ڀٽو، عبيد الرحمان کي گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو انتهائي ظالماڻو عمل آهي، پوليس جي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فضل الرحمان ۽ ٻين کي آزاد ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.