تنگواڻي لڳ ٻن برادرين ۾ هلندڙ تڪرار جو جرڳو، 40لک ڏنڍ

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ امام بخش باجڪاڻي ۾  گاڏهي ۽ باجڪاڻي تڪرار جو نبيرو مقدم بابن خان باجڪاڻي،   ميراشرف  علي بجاراڻي، چيف مقدم شير احمد باجڪاڻي جي سرپئچي ھيٺ ٿيو جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جي وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، علي مراد باجڪاڻي خون ثابت ٿيڻ تي محمد گاڏهي واري ڌر مٿان 40لک ڏنڍ جيڪو مقتول جا ڀاءۡ کي عبدالجبار باجڪاڻي کي موقعي تي 3 لک 50 ھزار ادا ڪيا ويا، ڏنڊ جي بقايه رقم 3 قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي ياد رهي ته 13 سال اڳ زميني تڪرار تان علي مراد باجڪاڻي مارجي ويو هو  اھڙي فيصلي بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.