پنوعاقل (ن ع آ) پنوعاقل جي بائيجي ٿاڻي جي حد مان ڪجھ مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل نوجوان مغوي ذاڪر ڪورائي ۽ محبوب نوراجو جي وارثن پاران بينر ھٿن ۾کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آھي، ان موقعي تي مغوين جي وارثن چيوته اغوا ٿي ويل ٻن نوجوانن کي سکر پوليس ھن مھل تائين بازياب ڪرائي ناھي سگهي ۽ گذريل ڏينهن مغوين ذاڪر ڪورائي ۽ محبوب نوراجو کي ڌاڙيلن پاران بدترين تشدد ڪرڻ جي ويڊيو وائر ڪئي وئي آھي جنهن ۾ ڀنگ لاءِ مغوين کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي وڏو کين مٿان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي ڌاڙيلن پاران مغوين جي بازيابي لاءِ وڏي رقم چئي رھيا آھن جيڪا اسان کي ڏيڻ جيتري سگھه نه نه آهي ته پوءِ اھا رقم ڪٿان آڻيون اسان غريب آهيون اسان جي مدد ڪئي وڃي، وارثن سنڌ حڪومت، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي سان جي مغوين ذاڪر ڪورائي ۽ محبوب نوراجو کي جلد بازياب ڪرائي اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.