لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران جي تقرير جي نشريات تي پابندي بابت اڄ ٻڌڻي ٿيندي

لاهور (اي پي پي)لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تقريرن جي نشريات تي پابندي خلاف درخواست تي اڄ سومر تي ٻڌڻي ڪندي. عدالت پيمرا طرفان عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي وارن قدمن جي معطلي جي عدالتي حڪمن ۾ اڄ تائين واڌ ڪئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد امير ڀٽي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. پيمرا جي وڪيل درخواست جي ٻڌڻي جي حوالي سان عدالتي دائري اختيار کي چئلينج ڪيو آهي. پيمرا جي وڪيل درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ ۽ عدالتي دائري اختيار موجب اڄ دليل پيش ڪندو. ان سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان موقف اختيار ڪيو آهي ته پيمرا جيڪڏهن ڪنهن شخص جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ٿو ته هو سڄي پاڪستان لاءِ هوندو آهي، پيمرا جي حڪم کي ڪنهن به هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، پيمرا موجب عمران خان 5 مارچ تي پنهنجي تقرير ۾ ادارن خلاف توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا، جنهن تي اٿارٽي عمران خان جي تقريرن ۽ بيانن کي نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي. تحريڪ انصاف پيمرا جي ان حڪم نامي کي 6 مارچ تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته تقريرن تي پابندي آئين جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي، پاڪستان جو آئين شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي جي اجازت ڏي ٿو.

  • ڀارتي ٽيم کي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ بالن جي اعتبار سان بدترين شڪست

ويشا کاپٽنم  (اي پي پي) ڀارتي ٽيم کي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ بالن جي اعتبار سان بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. آچر ڏينهن آسٽريليا خلاف کيڏي ويل ٻي هڪ ڏينهن واري عالمي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 117 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم گهربل هدف 11 اوورز ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو جڏهن ته 234 بالون باقي هيون، اها ڀارتي جي بالن جي اعتبار سان ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ بدترين شڪست آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.