ڪراچي ( پ ر ) نوجوانن جي تنظيم الٽرنيٽ جي تحت شهيد ڀڳت سنگهه جي ياد ۾ تقريب عاقب حسين جي صدارت ۾ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿي گذري، تقريب کي مشهور ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر رياض شيخ، پروفيسرڊاڪٽر اضعر علي دشتي، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور، هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري زهرا، ايچ بي ڊبليو ڊبليو ايف جي اڳواڻ سائره فيروز، نوجوان ڪالم نگار سجاد ظهير ۽ شهزاد مغل به خطاب ڪيو،مزدور اڳواڻ منظور رضي طرفان انقلابي ڪلام، فائزا انقلابي گيت ٻڌايو، وحيد نور پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته نوجوانن ، هارين ۽ مزدورن کي موجودهه نظام جي لاءِ خطرو بڻجڻو پوندو، مقررن ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کان علاوهه هيمو ڪالاڻي ۽ ٻين حريت پسندن کي شاندار خراخ عقيدت پيش ڪيو ۽ نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سماج جي بهتري لاءِ انقلابي نوجوانن جي نقش قدم تي هلن، مقررن مطالبو ڪيو ته ڀڳت سنگهه تي مضمون تعليمي نصاب جو حصو بڻايو وڃي ، شادمان چورنگي کي ڀڳت سنگهه جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ۽ 23 مارچ کي ڀڳت سنگهه جي شهادت جي ڏينهن طور ملهايو وڃي ، ناصر منصور چيو ته زرعي سڌارن کي بغير ملڪ جي سٺ سيڪڙو آبادي هڪ جوتو خريد ڪرڻ جي به قابل نه رهندي، سمورين قومن تي مشتمل جمهوري وفاق ضروري آهي، ڊاڪٽر اصغر علي دشتي چيو ته اڄ هن معاشري کي ڄاڻي واڻي غيرسياسي بڻايو ويو آهي، ان ماحول ۾ سياسي بڻجڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي