ڪنري (ت ر) ڪنري ويجھو دڙيلو جي ڳوٺ جان محمد خاصخيلي ۾ 12 ورھين جي نينگري اميان ڌيءَ ھرکو ڪولھي جو سندس گھر جي اندر ڪمري جي ڇت سان ٽنگيل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڪنري منتقل ڪيو. جتي ڊاڪٽرن پاران نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. فوتي نينگري جي والد ھرکو ڪولھي ٻڌايو ته اسان صبح جو ٻنيءَ تي اسپنگر وڍڻ وياسين پئي، ڇوڪري کي سندس امان ٻنيءَ تي ھلڻ جي منع ڪئي، جنھن تان ھن ڪاوڙ ۾ اچي آپگھات ڪيو آھي. اسان جي ڪنھن سان ڪابه دشمني ناهي ۽ نه ئي ڪنھن تي شڪ آھي. ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو آپگھات لڳي پيو، ابتدائي طور تي مڙھ جي ضروري ڪاروائي ڪرائي آھي، وڌيڪ جانچ ڪريون پيا.