قمبر (ن ع آ) قمبر واره جي ڳوٺ محمد رمضان بروهي جي رهواسين مرد عورتن ۽ معصوم ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن نور بيبي بروهي، مدينه خاتون، ابوبڪر بروهي، سليم احمد بروهي،مسعود احمد بروهي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان علي احمد بروهي کي چاچي خان محمد سڱاوتي تڪرار تان گذريل ٻن مهينن کان لاڙڪاڻي مان گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هن وقت تائين آزاد نه ٿي سگهيو آهي هنن وس ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي