مٽياري( رپورٽ ضمير خاصخيلي) مٽياري بائي پاس تي تيز رفتار ٽريلر اڳيان ويندڙ ٽن موٽر سائيڪلن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ 3 ورھين جو ٻارڙو اسامہ اعواڻ فوت ٿي ويو جڏھن تہ سندس ماء پي حڪمداد اعواڻ سندس گھر واري ثوبيہ ڪوثر جڏھن ٻئي موٽر سائيڪل تي سوار مسمات امينہ . ڪرينا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور مٽياري تعلقہ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ابتدائي طبي امداد بعد زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ حڪمدار اعواڻ . مسمات ثوبيہ ڪوثر ۽ فوتي اسامہ حيدر آباد کان ڀٽ شاھ وڃي رھيا ھئا جڏھن تہ مسمات امينہ ۽ ڪرينا حيدرآباد کان ٽنڊو آدم وڃي رھيا ھئا مٽياري پوليس ٽريلر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.