خيرپور (س ر) خيرپور لڳ ڳوٺ بخشو واهڻ واسي 7 سالن جو معصوم نينگر حزب الله سولنگي کجيءَ جي وڻ تان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو آهي، هن سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر حزب الله سولنگي کجيءَ جي وڻ تي چڙهي رهيو هو ته تيز هواءَ سبب اوچتو کجي جي وڻ تان هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو جتي ڊاڪٽر نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارث عورتن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آهن.