سنڌي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ خلاف متحده زھر اوڳاڇي رهي آهي: لال جروار

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ثقافتي سيڪريٽري ڊاڪٽر سنڌو مڱڻھار، پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح،  مھراڻ سنڌي ۽ مير پرويز دائودپوٽي پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي تہ ڪراچي سنڌي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم زھر اوڳاڇڻ شروع ڪيو آھي. ايم ڪيو ايم پھرين ڏينھن کان وٺي ڪراچي ۾ آباد اصلوڪن ڌرتي ڌڻين خلاف سازشون ڪندي رھي آھي. ايم ڪيو ايم جھڙي لساني ڌر سنڌين، بلوچن سميت ٻين ھزارين ماڻھن کي قتل ڪيو آھي، ڪراچي ۾ سنڌين جو آباد ٿيڻ ايم ڪيو ايم جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي ٿو. پيپلز پارٽي جي حڪومت مڪمل طور تي ايم ڪيو ايم جي سھولتڪار بڻيل آھي. ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي پيپلز پارٽي جي وزيراعليٰ مراد علي شاھہ سي سي آءِ مان آدمشماري ڪرائڻ جو سنڌ دشمن فيصلو ورتو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تہ ھميشہ کان وٺي ايم ڪيو ايم اقتدار پسند ٽولي سان گڏجي سنڌ تي حملا آور ٿي آھي. بدليہ فيڪٽري، 12 مئي، 18 آڪٽوبر ۽ 9 اپريل جھڙن سنگين دھشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن کي جيلن ۾ ھجڻ گھرجي ھا، پر ھڪ سازش تحت ايم ڪيو ايم کي وري گڏ ڪري سنڌ جي عوام  جي سيني مٿان سوار ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تہ سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ آباد اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي ڳوٺن کي پڪو ڪري مالڪاڻا حق ڏئي. ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ٿيندڙ سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن آدمشماري کي فورن معطل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.