پ پ سرڪار تعليمي ادارن کي ڪرپشن جي ور چاڙهيو: عاطف ملاح

ملير (پ_ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ مرڪزي اڳواڻ سميع ابڙي پپري ۽ خان محمد ڳوٺ  ۾ شاگردن سان  گڏجاڻيون ڪيون. ڪراچي اندر ايس ايس ٽي جي ڪم کي وڌائڻ لاءِٰ مختلف علائقن ۾ تربيتي ڪلاس ۽ اسٽڊي سرڪل ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 2 اپريل تي ڪراچي ۾ ھڪ ڏينھن جو تعليمي ورڪشاپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏجاڻين کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪرپشن جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پئسن ۽ سفارش تحت وائيس چانسلر جي ڀرتي ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب ھر سال ھزارين روپيا فيس وڌائي ان جي اوڳاڙي شاگردن مان ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ تعليم پرائڻ ڏکيو بڻجي ويو آھي. فين ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ تحت ليپ ٽاپ ڏنا وڃن، تہ جيئن سنڌ جا غريب شاگرد بھتر نموني سان تعليم پرائي سگھن. ھن چيو تہ سنڌ جو تعليمي نظام راولپنڊي جي نجي ڪمپني کي ڏنو ويو آھي، جنھن سبب سنڌ جي شاگردن جو مستقبل خطري ھيٺ آھي. سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليمي کي نظام کي پنجاب جي ماتحت ڪرڻ چاھي ٿي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.