لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان اوٺا چوڪ واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ ترسيل معصوم ٻارڙن مٿان رولو ڪتن حملو ڪري ڏنو نتيجي ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي نصيبو ڌيءَ محبت علي ڀٽي کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻين ٻارڙن ڀڄي ڪئمپ ۾ پهتا جنھن بعد نينگري کي وارثن اسپتال نيو جتان ويڪسين لڳڻ بعد ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. ان موقعي تي زخمي ٻارڙي جي پيءُ محبت علي ڀٽي ٻڌايو ته اسين ٻوڏ متاثر ڪجهه مهينن کان شهر جي اوٺا چوڪ ڀرسان قائم ڪيل ڪئمپ ۾ ترسيل آهيون جتي اڄ منهنجي ڌيءَ نصيبو ٻين ٻارڙن سان گڏجي ڪئمپ ڀرسان حاجت لاءِ ويل هئا جتي چئن رولو ڪتن سندن مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي ڌيءَ زخمي ٿي پئي. ھن مطالبو ڪيو ته ڪتا مار مهم شروع ڪري ٻارڙن جي حياتين کي محفوظ بڻايو وڃي.