لاڙڪاڻي ۾ شاھينگ فنڪار جي کيسي مان سامان ڪڍي فرار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ الله والي مسجد وٽ نامعلوم شاهينگ ناليواري اسٽيج، ٽي وي ۽ فلمن جي  سينيئر اداڪار عبدالستار لاڙڪ جي موبائل فون ۽ 10 هزار روپيا ڪڍي فرار ٿي ويا جنهن کان پوءِ متاثر فنڪار حد جي دڙي ٿاڻي تي پهچي واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان استاد بخاري سوشل ويلفيئر ادبي سنگت لاڙڪاڻو جي عھديدارن برڪت گاد، قربان شيخ، الطاف حسين چانڊيو، منظور بوھڙ، محمد علي لانگاهه ۽ ٻين چيو آهي ته اسٽيج اداڪار عبدالستار لاڙڪ ھڪ غريب اداڪار آھي، ھو 10 هزار کڻي گھر جو راشن وٺڻ لاءِ نڪتو ته شاهينگن سندس کيسي مان موبائل فون ۽ پئسا ڪڍي فرار ٿي ويا آهن. اسان لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ٿا ڪيون ته جلد مسڪين اداڪار عبدالستار لاڙڪ جي موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي ڏنا ڏنا وڃن، گڏوگڏ شھر اندر اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻي شھرين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.