تنگواڻي ۾ عوامي تحريڪ جو ڊجيٽل آدمشماري خلاف مارچ ۽ مظاهرو

تنگواڻي (ن ع آ)عوامي تحريڪ تنگواني طرفان ڊجيٽل آدمشماري خلاف وين اسٽاپ تي بک ھڙتال ڪئي وئي. بک ھڙتال ۾  عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ آصف کوسو، ضلعي اڳواڻ اصغر صدام منظور تاج نيڪ سلطان  خطاب ڪندي چيو ته  ڊجيٽل آدمشماري ذريعي  سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪيو ـ آدمشماري آئين ۽ قانون مطابق ڄاڻايل  وقت تي ٿيڻ گهرجي. وقت کان اڳ ٿيندڙ غير آئيني ۽ غير قانوني ڊجيٽل مردم شماري جو عمل بند ڪيو وڃي. آدمشماري لاءِ مختص 35 ارب روپيا سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ خرچ ڪيا وڃن. پيپلز پارٽي غير قانوني ڊجيٽل آدم شماري کي رد ڪرڻ لاءِ قومي ۽ سنڌ اسيمبلين ۾ ٺهراءُ پاس ڪري. سپريم ڪورٽ جي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڏنل فيصلي تي عمل ڪندي سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏئي کين واپس پنهنجن  پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. سنڌ ۾ پرڏيهين جي ملڪيتن جي خريد و فروخت تي پابند لاڳو ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.