خيرپور (ڊر) خيرپور ۽ ڀرپاسي واران علائقن ۾ گذريل برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو، برسات سبب ڪڻڪ جي فصل کي نقصان رسيو، جڏهن ته انبن جو ٻور پڻ متاثر ٿيو، جنهن ڪري انبن جي پيداوار ۾ گهٽتائي جا به امڪان آهن، برسات پوڻ سبب روايت موجب بجلي سڄي رات غائب ٿي وئي، جنهن ڪري شهرين کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آيون، شهرين جو چوڻ آهي ته اڳ ئي برسات سبب پريشان آهيون، مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، هنن مطالبو ڪيو ته علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.