مٺياڻي ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جو 14 ڄڻن مٿان ڪيس داخل

مٺياڻي (ن ع آ) گزريل ڏينهن فريد ديرو ٿاڻي جي حد ۾ زمين تقرار تان ڪوريجا برادري جي ٻن ڌرين جي ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل رجب عرف ڪالو  مشوري جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ ارباب مشوري جي فرياد تي فريد ديرو ٿاڻي 14 سڃاتل ۽ اڻ سڃاتل جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي . جوابدارن ۾ گل محمد، اشرف مشوري، عادل زبير ڪوريجو، جاويد سليم عالماڻي ۽ ٻيا شامل آهن. آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ن اچي سگهي آهي . جڏهن ته مقتول رجب مشوري کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان پراڻا جتوئي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو . سندس وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا . ياد رهي ت گزريل 3 سالن کان 3 ايڪڙ زمين تي خيرمحمد ۽ مير محمد جي وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي . خيرمحمد ۽ مير محمد پاڻ ۾ چاچو ڀائيٽيو آهن . گزريل ڏينهن هڪ ڌر ڪڻڪ جي ديري کي ٿريشر هڻائي رهي هئي ته هي واقعو پيش آيو.

  • ملير ۾ ڌاٻيجي واسي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ملير(ڊ.ر) ڌاٻيجي جي رهواسي محمد عيسا  ڪلمتي ملير پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته ڌاٻيچي جي ميراڻ ڪلمتي ڳوٺ لڳ فلاحي ڪمن لاء رکيل زمين تي بااٽر وڏيري محمد نواز ڪلمتي قبضو  ڪري وڪرو ڪري ڇڏي آھي,  قبضا مافيا خلاف درخواست ڏيڻ تي مونکي موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن، هن چيو ته آئون غريب هاري آهيان منهنجي دانهن ۽ فرياد ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، قبضا مافيا خلاف ڊي سي ٺٽو، اي سي مختيار ڪار۽ ڊي ايس پي توڙي ايس ايڇ او ڌاٻيچي کي درخواستون ڏنيون آهن پر انهن تي ڪوبه تحرڪ ورتو نه ويو آهي، قبضا مافيا جو سربراهه وڏيرو محمد نواز ڪلمتي منهنجي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي منهنجي ذاتي ڇهن پلاٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي، درخواستون واپس وٺڻ جو چئي رهيو آهي، هن چيو ته قبضا مافيا ايترا بااثر آهن جو انهن خلاف ڪوبه ماڻهو ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي هر ماڻهو خوف ۾ ورتل آهي، مون حق ۽ سچ جو علم بلند ڪندي قبضا مافيا خلاف آواز اٿاريو آهي، جنهن تي مون کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.