خيرپور(ڊ ر) خيرپور پوليس جو مبينا مقابلو هڪ هٿياربند کي زخمي حالت گرفتار ڪرڻ ۽ ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعوا ان سلسلي۾ ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسو دعويٰ ڪئي آهي ته پريالوءِ پوليس جو لنڪ روڊ تي مبينا مقابلو ٿيو جنهن ۾ پوليس ھڪ هٿياربند عمران شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ سان گڏ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن ايس ايس پي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل هٿياربند تي مختلف ٿاڻن تي ڦرن ڌاڙن پوليس مقابلن جا ڪيترائي ئي ڪيس داخل ٿيل آھن، ٻئي پاسي ڊرٻ ميهر شاھ ۾ بدامني تي ضابطو اچي نه سگهيو، نامعلوم چور گذريل رات لالا صغير اڄڻ جي ڪريانه جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ رکيل يو پي ايس بيٽري ٻه سولر پليٽون ۽ لکين روپين جو سامان کڻي فرار ٿي ويا.