باڊھه کي تعلقي جو درجو نه مليو، شهري ٽن سالن کان سراپااحتجاج، ريلي

باڊھ (ن ع آ) باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊھه تعلقي موومينٽ طرفان ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊھ پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو  ڪيو ويو جنھن ۾ باڊھ شھر جي سياسي سماجي علمي ادبي  ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، علي انور عسڪري، اصغر نوناري، فدا حسين تنيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته باڊھه شھر پيپلزپارٽي جو ڳڙھه سڏيو ويندو آهي پر افسوس سان باڊھ واسين کي حڪمرانن هميشه مايوس ڪيو آهي باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ جا واعدا ڪندڙ چونڊيل نمائندا سدائين باڊھ واسين سان ويساھ گھاتيون ڪندا پيا اچن هنن  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ توڙي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آھي ته  باڊھ کي فوري طور تي تعلقي جو درجو ڏئي باڊھ واسين ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.