لکي غلام شاهه(ت ر)چڪ لڳ ڳوٺ ڀرڪڻ ڀرسان ڦر جي ڪوشش موٽرسائيڪل سوارن جي اطلاع تي پوليس پهچي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو پوليس کي ڏسندي فرار ٿيندي هڪ هٿياربند ڦورو کوه ۾ ڪري پيو پوليس کيس کوه مان ڪڍي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيل هٿياربند جي سڃاڻپ فيض محمد عرف فيضو گجائي مهر طور ڪئي وئي چڪ پوليس جو چوڻ آهي ته هو عادي ڏوهاري آهي ڪيترا ڀيرا جيل ويو آهي هاڻي به ڦر واقعن جي ڪيسن ۾ گهربل هو.