شادي جي ڪاڄ جو ڏٽو ڏئي اغوا ڪيل پنجاب واسي 9 دهلائي بازياب

ڏهرڪي/ رائونتي/ اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) 23 ڏينھن اڳ چنيوٽ پنجاب جا 9 دھلارين کي شادي جي بھاني گھرايو ويو ھيو جن کي سنڌ پنجاپ بارڊر وٽان  ڏوھاري هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا ھئا  جن کي  رانوتي پوليس پاران ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو جي اڳواڻي ۾ ڏوھارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرائي ٿاڻي تي وٺي آئي آھي مغوين کي زنجيرون به لڳل آھن  ان موقعي تي ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جو  چوڻ هو ته ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان ھڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو ھو جنھن بعد ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جي هدايتن تي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ڪچي ۾ ڏوھارين جي نشاندھي تي لٿل هئاسين ته مغوين جي منتقلي جو اطلاع مليو، ته فوري طور تي نشاندھي واري ھنڌ پھتا سين ته مقابلو ٿي پيو مقابلي دوران ڏوھاري مغوين کي ڇڏي اونداھي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا جن خلاف ڪاروايون جاري آھن جلد ڪچي جي علائقن کي امن و امان جو گھوارو بڻايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.