سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 103 نوان ڪيس رپورٽ، 16 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 103 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 16 ڄڻن جي  حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڇنڇر ڏينهن قومي صحت اداري (اين آءِ ايڇ) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 685 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 103 ڄڻن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، اهڙي طرح پازيٽو ڪيسن جي شرح 2.20 سيڪڙو رهي، ان دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب ڪو به مريض فوت ناهي ٿيو جڏهن ته 16 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل ٽيسٽن جي حوالي سان لاهور ۾ 550 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 20 ڄڻن جي ٽيسٽ پازيٽو ۽ شرح 3.64 سيڪڙو رهي ساڳي طرح اسلام آباد ۾ 356 ٽيسٽون ڪيون جن مان 20 ڄڻن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ پازيٽو ڪيسن جي شرح 5.62 سيڪڙو رهي ۽ گجرات ۾ 160 ٽيسٽون ڪيون جن مان 3 ڄڻن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ پازيٽو ڪيسن جي شرح 1.88 سيڪڙو رهي.

  • پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سان وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي ملاقات

لاهور  (اي پي پي) پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سان ريلويز اينڊ ايوي ايشن واري  وفاقي وزير خواجه سعد رفيق گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر چيو ته حڪومت مشڪل حالتن جي باوجود ملڪي معيشت سميت هر شعبي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي عوام جي فلاح، بهبود ۽ انهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. پنجاب جي گورنر چيو ته گهٽ آمدني وارن گهراڻن لاءِ مفت اٽو فراهم ڪرڻ حڪومت جي طرفان احسن قدم آهي، عوامي خدمت جو سفر جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي جنهن جي لاءِ سڀني کي گهرجي ته هو ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ کيل قدم قابل تعزيف آهن.

  • تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاران پنجين وائيس چانسلرز فورم جو افتتاح

اسلام آباد (اي پي پي) اسلامي دنيا ۾ يونيورسٽين جي پنجين وائيس چانسلرز فورم جو افتتاح ڪالهه اسلام آباد ۾ ”گلوبلائزڊ  دنيا ۾ تباهي آڻيندڙ ٽيڪنالاجي طرف قدم“ جي موضوع تي ٿيو، 20 او آءِ سي ملڪن جي 40 وائيس چانسلرز سميت 250 کان وڌيڪ وائيس چانسلرز هن فورم ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد تجربن جي مٽاسٽا، وسيلن کي جمع ڪرڻ، گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ، يونيورسٽين وچ ۾ رابطن، (نيٽ ورڪ) کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسلامي دنيا ۾ اعليٰ تعليم جي مستقبل تي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ آهي. وائيس چانسلر فورم 2023ع هاءِ ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت، ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد ، اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، اينڊ سائنٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ۽ برٽس ڪائونسل پاڪستان گڏيل طور ڪيو آهي. افتتاحي تقريب دوران وفاقي وزير راڻا تنوير حسين خاص مهمان طور خطاب ڪندي نوجوانن ۾ هنر ۽ مهارت کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته يونيورسٽين کي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال ۽ حقيقتن جو وڌيڪ موثر جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورا اسلامي ملڪ پوري مسلمان امت کي فائدو پهچائڻ لاءِ وسيلا ۽ مهارتون جمع ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.