ٺاروشاھه ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس انچارج خلاف عورتن جو احتجاج

ٺاروشاھ رپورٽر(ن ع آ) نيشل پريس ڪلب ٺاروشاھ تي احسان سولنگي اقبال قريشي محمد علي اڄڻ جي اڳواڻي ۾ بي الف اسي پي آفس  تعلقي ڀريا جي انچارج امتياز سولنگي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته عورتن جا بند پيل ڪارڊ ۽ نوان ڪارڊ ٺاھڻ لاءِ غريب ۽ مستحق عورتن کان ھڪ کان ٽي ھزار رپيه رشوت  وصول ڪري رھيو  آهي جيڪي عورتون  پيسا ڏين ٿيون ھنن جو ڪارڊ ٺھي ٿو باقي در بدر ٿين ٿيون جڏهن ته سرڪار  جي طرفان بند پيل ۽ نوان ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي فيس  مقرر نه ڪئي آهي انچارج امتياز سولنگي  کي پنھجي بالا آفيسر  ۽ سياسي سپورٽ حاصل آهي. ھنن اعليٰ عملدارن کان گھر ڪئي ته فوري طور تي تعلقي ڀريا جي انچارج امتياز سولنگي ۽ ٻين عملي خلاف ڪاروائي  ڪري غريب ۽ مستحق عورتن کي حق ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.