ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي لڳ انساني آبادي ويجھو غير قانوني طور قائم ڪيل ڪريش پلانٽ تباھي مچائي ڇڏي، ڳوٺاڻن جون زندگيون داءُ تي لڳي ويون، 37 کان مٿي ماڻھو مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا، قبرستان تباھ ٿي ويا، گھرن کي به نقصان پھچي رھيو آھي، رھواسين ڇتوچنڊ کان ٺٽي تائين مارچ ڪري ڪريش پلانٽ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٺٽي جي ڪوھستاني علائقي جي ڳوٺن حاجي رمضان ھيجب جاکرو، حاجي عثمان ھيجب جاکرو ۽ ٻين ڀرسان جبل جي بٺي تي قائم ڪيل ڪريش پلانٽ مقامي انساني آبادي لاءِ عذاب بڻجي ويو آھي، ڪريش پلانٽ مان اٿندڙ دز سبب 37 کان مٿي مقامي ڳوٺاڻا دم، ساھ سميت ٻين مختلف بيمارين ۾ وٺجي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيا آھن، جڏھن تہ دز سبب زرعي زمينون پڻ بنجر بڻجي ويون آھن. ان سلسلي ۾ جاکرا يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران نور محمد ھيجب جاکرو، باغي ھيجب، عبدالستار ھيجب، محمد ھيجب جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇتوچنڊ کان احتجاجي مارچ ڪڍيو ويو، مارچ ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتو، جتي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن خطاب ڪندي چيو تہ ڳوٺن ڀرسان ڪريش پلانٽ قائم ڪري انساني زندگين سميت پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڪريش پلانٽ مان اٿندِڙ دز سبب جتي انساني آبادي متاثر ٿي رھي آھي ھنن چيو ته ڪريش پلانٽ جي ڌماڪن سبب آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪافي نقصان ٿي رھيو آھي، گھر تباھ رھيا آھن ۽ قبرستانن ۾ قبرون مسمار ٿي رھيون آھن، اھڙي ظلم ۽ بربريت خلاف ضلعي انتظاميہ سميت لاڳاپيل اختيارين کي بار بار شڪايتون ڪيون آھن ۽ احتجاج ڪيا آھن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ صوبائي وزير اسماعيل راھو سميت اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي ڪريش پلانٽ بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.