مون کي ڪڌي سياست ۾ نه گهليو، آفريدي جو يوٽرن؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بابت بيان جي ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته کيس هن گندي سياست جو حصو نه بڻايو وڃي.

شاهد آفريدي جو هڪ بيان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي ڪپتان عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

آچر تي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته ڪالهه کان سوشل ميڊيا تي منهنجي نالي سان عمران ڀائي بابت بيان گردش ڪري رهيو آهي جيڪو به اهو ڪري رهيو آهي اهو تمام گندي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مان هن سياست ۾ اچڻ نه ٿو چاهيان ۽ نه ئي ان جو حصو آهيان ۽ مون ۾ ايتري همت آهي جو جيڪڏهن مون کي ڪجهه چوڻو آهي ته مان پاڻ چئي سگهان ٿو.

شاهد آفريدي سندس جعلي بيان پکيڙيندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته هنن عمران خان بابت هي بيان ڪٿي جاري ڪيو؟

اڳوڻي ڪرڪيٽر پنهنجي بيان ۾ چيو ته مهرباني ڪري مون کي هن گندي سياست جو حصو نه بڻايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.