”نوجوان ناريون امير بواءِ فرينڊز جي ڳولا ۾ رهن ٿيون“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سونالي ڪلڪرني چيو آهي ته ڀارتي ڇوڪريون هميشه امير مڙس يا بواءِ فرينڊ جي ڳولا ۾ رهنديون آهن.

سونالي ڪلڪرني تازو ئي هڪ تقريب دوران ماڊرن انڊين ڇوڪرين تي ڳالهائيندي ڀارتي سماج ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ رجحانن بابت ڳالهايو.

اداڪارا چيو ته ڀارت ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون تمام سستيون هونديون آهن، هو چاهين ٿيون ته اهڙو مڙس يا بواءِ فرينڊ هجي جنهن وٽ سٺي نوڪري هجي، گهر هجي ۽ سندس پگهار هر سال وڌي وڃي.

سونالي ڪلڪرني موجب، جيڪي ڇوڪريون اهڙيون خواهشون رکن ٿيون، انهن ۾ ايتري همت ناهي ته هو پنهنجي مڙس يا بواءِ فرينڊ کي ٻڌائين ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه مرد کي ڪرڻو آهي ته پوءِ هوءَ ڇا ڪندي؟

هن چيو ته ڇوڪرا جڏهن 18 ۽ 20 سالن جي عمر ۾ پهچي ويندا آهن ته انهن تي ڪمائڻ، ڪيريئر ٺاهڻ ۽ گهر هلائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويندو آهي ۽ هو ننڍي عمر ۾ ئي ڪمائڻ شروع ڪندا آهن، جڏهن ته ڇوڪريون 27 کان 28 سالن جي عمر تائين پنهنجي بواءِ فرينڊ کان خرچ ڪرائينديون رهنديون آهن.

هن چيو ته ڇوڪري جڏهن شاهاڻي زندگي چاهي ٿي ته خرچ جو اڌ وزن ڇو نٿي کڻي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.