ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فائنل ميچ ۾ لاهور قلندرز جو ڪپتان شاهين شاهه آفريدي پنهنجي آل رائونڊ پرفارمنس سبب ٽائيٽل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مداح اڳوڻي ڪپتان شاهد جي گهر واري ۽ ڌيءَ انشا آفريدي بابت غلط فهمي جو شڪار ٿي ويا.
Shaheen Shah Afridi huge sixes makes Ansha Afridi smile😍 #shaheenafridi #LQvsMS #MSvLQ #HBLPSL2023 pic.twitter.com/spxdkmxVHK
— Dr. Amna Jamal (@amnakegossips) March 18, 2023
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ جي فيصلائتي ميچ ۾ لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
ان موقعي تي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جون ٻئي ڌيئرون اسٽيڊيم ۾ موجود هيون.
Ansha Afridi Smile 🔥❤️#PSL8 #LQvMS pic.twitter.com/KlUlG8dK3u
— Hur Ali (@Aliwala72) March 18, 2023
شاهين شاهه آفريدي جي زال انشا آفريدي ۽ اقصيٰ جون وڊيوز به اتي نظر آيون.
جڏهن ميچ دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ته ان وقت ڪيمرا مين اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي وڏي ڌيءَ کي ميڙ ۾ ويٺل ڏيکاريندو رهيو، جنهن دوران مداحن کيس شاهين شاهه آفريدي جي گهرواري انشا سمجهي ورتو.
وڊيوز کي مداحن طرفان سوشل ميڊيا تي جلدي شيئر ڪيو ويو.
فيصلائتي ميچ ۾ شاهين شاهه آفريدي جي گهرواري کي نه ڏيکاريو ويو، آخري وقت ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو منظر عام تي آئي جنهن ۾ شاهين شاهه اقصيٰ ۽ انشا سان ڳالهائي رهيو هو.
Meri sari zindagi ansha aur aqsa mein difference karte hoe guzar jaye gi:)😭😭pic.twitter.com/aioDwzpKVS
— MINAHIL missing Sikandar or Sam:( (@BashirTuMraYrNi) March 19, 2023
سوشل ميڊيا تي هڪ واهپيدار فواد عباس هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ شاهين شاهه آفريدي کي پنهنجي زال انشا آفريدي سان گڏ پي ايل ايس جي ونر ٽرافي سان گڏ بيٺل ڏسي سگهجي ٿو.