”عورت جي ٻار پيدا ڪرڻ واري صلاحيت بابت سڀني کي ٻڌايو ويندو آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقبول اداڪارا سنيتا مارشل جو چوڻ آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ جيڪڏهن ڪنهن شادي شده مرد ۾ ڪو مسئلوهوندو آهي ته ان مسئلي کي لڪايو ويندو آهي پر جيڪڏهن شادي بعد عورت جي ٻار پيدا ڪرڻ واري صلاحيت ۾ مسئلو آهي ته اهو سڀني کي ٻڌايو ويندو آهي.

اداڪارا تازو انٽرويو م سماجي مسئلن ۽ اهڙن موضوعن تي ٺهندڙ ڊرامن بابت کليل نموني ڳالهايو آهي.

سنيتا مارشل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪامياب شادي لاءِ مرد جو وڏي عمر جو هجڻ واريون ڳالهيون دقيانوسي آهن، حقيق جو ان سان ڪو واسطو ناهي، شادي جي ڪاميابي جو عمر سان ڪو به واسطو ناهي.

اداڪارا چيو ته عورتون جلد سمدار ٿي وينديون آهن جڏهن ته مرد ديرسان ميچوئر ٿيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.