ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ناليواري ڊسڪ جوڪي (ڊي جي) اڪشي ڪمار عرف ڊي جي ايزيڪس ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
ڀارتي رپورٽن موجب ڀارتي رياست اڙيسا جي شهر ڀونيشور ۾ رهائش پذير هو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڪشي ڪمار گهر ۾ پنهنجي ڪمري ۾ موجود هو ۽ کاڌو کائڻ جي لاءِ گهرائڻ تي هن دروازو نه کوليو تالو ٽوڙو ويو ته ان جو پکي سان لڙڪيل لاش هٿ ڪيو ويو.
پوليس لاش کي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي اڪشي ڪمار جي گهروارن سندس گرل فرينڊ تي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش تي اڪسائڻ جو الزام هنيو آهي.