ٽيم آف دي پي ايس ايل اٺ جو اعلان ٿي ويو

پاڪستان سپر ليگ جي پڄاڻي کانپوءِ ٽيم آف دي پي ايس ايل اٺ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پي ايس ايل سيزن اٺ جي فاتح ٽيم لاهور قلندر جي ڪپتان شاهين آفريدي کي پي ايس ايل ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.

ٽيم ۾ ملتان سلطانز جا پنج، لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جا ٻه ٻه جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جو هڪ هڪ رانديگر شامل آهن.

رانديگرن ۾ بابراعظم، محمد رضوان، محمد حارث ۽ رائيلي روسو شامل آهن.

اعظم خان، ڪيرن پولارڊ، عماد وسيم، راشد خان، عباس آفريدي ۽ احسان الله به ٽيم ۾ شامل آهن.

صائم ايوب ٻارهين رانديگر جي حيثيت سان ٽيم ۾ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.