مشهور ايڪشن فلم جان وڪ جو اهم اداڪار لاڏاڻو ڪري ويو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور ايڪشن فلم جان وڪ ۾ هوٽل ڪانٽينينٽل ۾ مئنيجر جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار لانس ريڊڪ لاڏاڻو ڪري ويو.

آمريڪي ايڇ بي او جي مشهور سيريز دي وائر ۾ اداڪارا جا جوهر ڏيکاريندڙ لانس ريدڪ 60 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

 جان وِک فلم کا ایک منظر، جس میں لانس ریڈک (شارون) جان وک (کیانو ریوز) سے محو گفتگو ہیں (تصویر: اسکرین گریب)

لانس ريدڪ کي جان وڪ ايڪشن ٿرلر فلم فرنچائيز ۾ شارون جي ڪردار ذريعي وڏي شهرت ملي.

لانس ريدڪ اداڪار هجڻ سان گڏوگڏ موسيقار به هو.

سندس سيڪريٽري ٻڌايو آهي ته هو جمعي تي لاس اينجلس ۾ واقع پنهنجي گهر ۾ قدرتي سببن جي ڪري اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.