سيئول (ويب ڊيسڪ)اتر ڪوريا بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو آهي جنهن جي تصديق پرڏيهي ميڊيا به ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا بيلسٽڪ ميزائل سمنڊ کان فائرل ڪيو جنهن کي پيانگ يانگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان فائر ڪيو ويو هو.
رپورٽن موجب اترڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ميزائل فائر ٿيندي ڏٺو.
ميڊيا رپورٽن موجب پابندي پيل ميزائل تجربي جي ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان به نشاندهي ڪئي آهي.