اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)جوڊيشل اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مظاهرين طرفان پوليس تي حملي جي معاملي تي پوليس وڌيڪ ست جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شاليمار ٿاڻي شرپسندي ۾ ملوث ست وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
جوابدارن ۾ راجا نديم جهانگير ڪيان، شرافت سلطان ڪياني به شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن ۾ محمد رضوان، سهيل احمد، حسنين اختر، مظهر مسعود، محمد زرين به شامل آهن.