ڪراچي(ويب ڊيسڪ)محنت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل هفتي ۾ ٿيندڙ واقعا مذمت جوڳا آهن.
هڪ بيان ۾ سعيد غني چيو آهي ته عمران خان هڪ سياسي پارٽي جو سربراهه آهي ۽ بدقسمتي سان اڳوڻو وزيراعظم آهي.
هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي عدليا، پوليس ۽ ادارن جي خلاف ورغلائي رهيا آهن، ان جو مثال ملڪ جي تاريخ ۾ نٿو ملي.
سعيد غني وڌيڪ چيو ته عمران خان جنهن انداز ۾ عدالتن جي سامهون پيش ٿي رهيو آهي، ان جا به مثال نٿا ملن.
سندس چوڻ هو ته عدالتون به خوش خوش ان کي قبول ڪري رهيو آهي، عمران خان لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڏنڊا بردار فورس ٺاهي رکي آهي.