لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خان خميس ٻاويهه مارچ تي مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
زمان پارڪ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو آهي ته سڀني جي هٿن مان گيم نڪرڻ واري آهي، هوش نه سنڀاليو ويو ته حالتون ايران جهڙيون ٿينديون، شيون ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه رهنديون.
هن چيو ته حڪومت کيس گرفتار ڪري بلوچستان وٺي وڃڻ چاهي پي، جنهن جو مقصد هو ته پنهنجي پارٽي جي ڪنهن به ماڻهو کي ٽڪيٽ جاري نه ڪري سگهنا.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪوڙ جي راڻي جي ليول پليئنگ فيلڊ جو مطلب آهي ته کيس رستي تان هٽايو وڃي، اهو ئي لنڊن پلان آهن.
سندس چوڻ هو ته حڪومت اسٽيلبشمينٽ جي مدد جي باوجود ستٽيهه مان ٽيهه ننڍيون چونڊيون هارايون، وارنٽ ته راڻا ثناءُ الله جا به نڪتل آهن، ان تي ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي.
عمران خان اهو به چيو ته ٻئي ڏينهن تي هر هنڌ ڪنٽينر رکجڻ شروع ٿيا ته اسان حيران ٿي وياسين، مان پڇان ٿو ته اليڪشن جي اعلان کانپوءِ قلم هڪ سئو چوئيتالهه ڪيئن ٿو لڳي سگهي.
اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مان اٺ مارچ جي ريلي شام پنجي وڳي معطل ڪرڻ جو چيو، ريلي ان ڪري معطل ڪئي ڇو ته انتشار ڦهلڻ جو خدشو هو.
سندس چوڻ هو ته مون سيشن عدالت ۾ پنهنجو ڪيس شفٽ ڪرڻ جو چيو هو ڇو ته مونتي حملي جو خدشو هو، ڪيس شفٽ ڪرڻ جي بدران منهنجا وارنٽ جاري ڪيا ويا.
عمران خان جو چوڻ هو ته هنن زمان پارڪ ۾ شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي، زمان پارڪ ۾ ماڻهو مرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا، مونکي چيو ويو ته توکي نڪرڻو ناهي. اسلام آباد جي لاءِ نڪتو هئس ته خبر هئي يا مونکي جيل ۾ وڌو ويندو يا قتل ڪيو ويندو، مونکي عدالت تائين پهچندي ساڍا پنج ڪلاڪ لڳا.
هن جو چوڻ هو ته سڄو موٽروي رڳو هڪ ماڻهو جي ڪري بند ڪيو ويو، مان لاهور ويس ته ماڻهو پاڻ مونسان هليا مان ڪنهن کي نه نه چيو هو، انهن کي لڳي پيو ته مونکي ڪجهه ڪيو ويندو.
صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مان عدالت جي دروازي وٽ ويس ته رينجرز، پوليس ۽ اڻڄاتل ماڻهو نظر اچي رهيا هئا، عدالت جي ٻاهر هئاسين اتي به ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي.