لاهور(ويب ڊيسڪ)جوڊيشل ميجسٽريٽ لاهور زمان پارڪ پوليس آپريشن ۾ گرفتار هڪ سئو ٻه جوابدارن جو منظور ڪري ورتو آهي.
ڊيوٽي جوڊيشل ميجسٽريٽ غلام رسول پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
جوڊيشل ميجسٽريٽ هڪ سئو ٻه جوابدارن کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو.
عدالت جوابدار کي سڀاڻي دهشتگردي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي.
پوليس جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي ۾ آڻي عدالت مان واپس موٽي وئي.
زمان پارڪ لاهور ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي معاملي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي طرفان پوليس تي حملي جو هڪ ٻيو به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو.
پوليس موجب دهشتگردي، قتل جي ارادي سميت تيرهن دفعن جي تحت داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ٽيم دهشتگردي عدالت مان جاري ڪيل سرچ وارنٽ کڻي زمان پارڪ وئي، ڳالهه ٻولهه ڪندي ئي ٽي سئو اڻڄاتل ڪارڪنن حملو ڪري ڏنو، ڪارڪنن کي پيٽرول بم اڇلائڻ دوران سوگهو ڪيو ويو.