رمضان کان اڳ ئي آخري آچر تي مهانگائي عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)رمضان کان اڳ آخري آچر تي مهانگائي بازارن جو رخ ڪندڙ شهرين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ رنڌڻي جي ٻئي سامان جا اگهه آسمان تي وڃي پهتا آهن.

شهرين جي دانهن تي حڪومت جنهن شيءِ تي ڏهه رپيا وڌايا آهن منافعي خورن انهن شين تي ويهه کان ٽيهه رپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

مهانگائي جي ستايل شهرين جو چوڻ آهي ته ڪٿي به ڪو چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام موجود ناهي.

شهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته عوام کي وڌيڪ پريشان ڪندڙ منافعي خوران کي ڪنٽرو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.