ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار کهڙو ٻڌايو آهي ته ذوالفقار علي ڀُٽو جي ورسي چار اپريل تي ڳڙهي خدابخش ۾ ٿيندي.
نثار کهڙي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رمضان جي ڪري ورسي جو پروگرام رات ۾ ڪيو ويندو.
هن زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن بابت ڳالهائيندي چيو ته عمران جي گهر مان ڪلاشنڪوف نڪتي آهي، ڇا ان جو ڪو لائيسن آهي؟
پيپلزپارٽي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڊجيٽل آدمشماري جي نئين سسٽم تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي ڪندي چيو ته مردم شماري جي لاءِ خاميون سامهون اچي ويون آهن.