ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن جي گاڏي تي فارنگ، ٻه ڄڻا زخمي، ٽي اغوا

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي ضلعي ڪشمور جي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ بجاراڻي اسٽاپ جي ويجهو ڌاڙيلن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني آهي.

ڪنڌڪوٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار ٻه مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ڌاڙيل ٽن ماڻهن کي اغوا ڪري ڪچي ڏانهن کڻي ويا.

ڪنڌڪوٽ پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فائرنگ سان زخمي مسافرن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي عمران سمون جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي گرفتاري ۽ مغوين جي بازيابي جي لاءِ ڪچي جي علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.