دبنگ خان جي سِر کي خطرو، سلمان خان کي قتل ڪرڻ زندگي جو مقصد آهي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي جيل ۾ قيد ڏوهاري گورهه جي ڪارندي لارنس بشنوئي پوليس گرفتاري دوران باليووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر موتمار ڌمڪي ڏني آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب لارنس بشنوئي چيو آهي ته منهنجي زندگي جو واحد مقصد سلمان خان کي قتل ڪرڻ آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب لارنس بشنوئي چيو آهي ته سلمان خان ان جي مذهبي گرو جمبيشور جي مندر وڃي ڪري معافي گهري جيڪڏهن کيس اسان جي برادري معاف ڪري ٿي ته مان پوءِ ڪجهه به نه چوندس ٻئي صورت ۾ سڪيورٽي پاسي ٿيندي ئي سلمان خان کي قتل ڪري ڇڏيندس.

ڪجهه ڏينهن اڳ لارنس بشنوئي سلمان خان کي اهڙي ئي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته هو معافي گهري ٻئي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ جي لاءِ تيار رهي.

واضح رهي ته گذريل سال لارنس بشنوئي گينگ طرفان ڌمڪين کانپوءِ سلمان خان جي سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي.

اهو به ياد ڏياريندا هلون ته لارنس بشنوئي پنجابي گلوڪار سڌو موسي والا جي قتل ڪيس ۾ جوابدار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.