پاڪستان ۾ انصاف غليلن ۽ ڪلاشنڪوف کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ انصاف غليلن ۽ ڪلاشنڪوف کان ڊنل آهي، عمران خان کي دهشتگردي جي ڪري سهولتڪاري ڏني پئي وڃي، عمران خان کي عدالت مان رليف ڏياري ملڪ جي انصاف جو قتل ڪيو ويو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان رياست جي رٽ جا ٽڪرا ڪري رهيو آهي، انصاف، قانون ۽ عدليا جي پراسرار خاموشي ملڪ جي لاءِ خطرو بڻبي پئي وڃي، لاڏلي کي رعايت ڏئي قانون جي بالادستي قائم نٿي ڪري سگهجي، اهو سلسلو نه رڪيو ته هر گهٽي مان جٿا نڪرندا ۽ قانون، آئين ۽ انصاف تي اهڙي ئي ريت حملا ٿيندا رهندا.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر آپريشن ۾ ڪلاشنڪوف، پيٽرول بم ۽ دهشتگرد نڪتا، عمران خان وٽ پنهنجي چورين جو ڪو به جواب ناهي، انڪري اهو سڄي ملڪ کي باهه ڏئي رهيو آهي، فرد جرم روڪرائڻ جي لاءِ سڀ جو سڀ حربا هلايا ويا.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان اقتدار کسجڻ تي چريو ٿي چڪو آهي، هو سياسي دهشتگرد آهي، جيڪڏهن عمران خان جي جان کي ڪو به خطرو هو ته ڪالهه ڇا ٿيو؟ ڪالهه پوليس جي گاڏين ۽ شهرين جي موٽرسائيڪلن تي حملا ڪيا ويا.

هن جو چوڻ هو ته حڪومت ڏينهن رات عمران خان جو ڪيل گند صاف ڪري رهي آهي، عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري ويو، هو آءِ ايم ايف سان جن ڳالهين کي مڃي ويو هو انهن تي وري ٻيهر ڳالهيون ٿين ٿيون، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”لاهور(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ انصاف غليلن ۽ ڪلاشنڪوف کان ڊنل آهي،“
    اي ”مائي دائي“ تون وڃي پنهنجي مادري ڪرت سنڀال ۽ پنهنجيءَ آقا مريم صفدر جي مالش ڪر . هر وقت تنهنجي منهن تي ڪاريھر واري ڪاوڙ عيان آھي. اندر ڪاراڻ سان ڀريل عوام جي پئسن تي فيشن پئي ڪرين شرم بلڪل ڪونھي!!!ا
    ھن ڀڳوڙي کي صرف پنجاھ روپين واري اسٽامپ تي برطانيه ۾ KFC کائڻ واسطي موڪليو جنهن کي پورا چـــــار ســـــال گذريا آھن موٽڻ جو نالوئي ڪون ٿو وٺي. نئب دفتر تي پٿراءَ ڪرڻ سپريم ڪورٽ تي حملا ڪندڙ نواز بدمعاش ۽ شوباز بدمعاش جا ڪرتوت بيان ڇوڪون ٿي ڪرين؟؟؟؟

Leave A Reply

Your email address will not be published.